سيد، اصغر نديم

سيد، اصغر نديم

اصغر نديم سيد

اصغر نديم سيد: مشھور ڊراما نگار ۽ شاعر اصغر نديم سيد 14 جنوري 1950ع تي، ملتان ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مقامي اسڪول ۾ ورتي ۽ ايم. اي اردو، Ph.D ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون به ملتان مان ئي حاصل ڪيون. هن ايم.اي اردو ڪرڻ دوران ئي پنھنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جي شروعات ملتان جي هڪ ڪاليج ۾ پڙهائڻ سان ڪئي. هي درس ۽ تدريس سان گڏ شاعري به ڪندو رهيو ۽ ان وقت ڪافي ڪتابن جا ترجما به ڪيائين. اصغر نديم سيد 1980ع ڌاري گورنمينٽ ڪاليج لاهور سان وابسته ٿيو ۽ لاهور ٽيليويزن لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا. هن جو پھريون ڊرامو ’صبح ڪي دستڪ‘ هو، جيڪو لاهور سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. هن جو ٻيو ڊرامو ’دريا‘ چولستان جي صحرا واري زندگيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل هو ۽ اهو ڊرامو چولستان ۾ ئي فلمايو ويو هو. ’آخري گيت‘ لوڪ ورثه اداري پاران ٺاهيل سندس پھرين ڊاڪيومينٽري فلم هئي، جنهن ۾ هن ٿرپارڪر جي ثقافت، لوڪ ورثي ۽ گيـتـن جي ڳولا جـي سفر کي بيان ڪيو هو. هن جي هڪ سيريل ’روهي ڌوپ جلي‘ جي ڪھاڻي به چولستان جي پسمنظر ۾ لکيل هئي. ’نجات‘، ’پياس‘، ’چاند گرهن‘ ۽ ’خواهش‘ اصغر نديم سيد جون مشھور ٽي. وي سيريل آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ’جنگل ڪي اس پار‘، ’زمين زاد ڪا افق‘ (ترجمو)، ’بوطيقا‘ (ترجمو) ۽ ’انشا نگاري‘ (تنقيد) وغيره شامل آهن.


لفظ اصغر نديم سيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو